گهوٽڪي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل

گهوٽڪي (ويب ڊيسڪ) گهوٽڪي ۾ موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو.
رحم والي پارڪ ۾ موٽر سائيڪل سوار ھٿياربندن گوليون ھڻي ڳوٺ موسيٰ لولائي واسي نوجوان ميرل لولائي کي قتل ڪري ڇڏيو .
پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش تعلقي اسپتال گھوٽڪي مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيو.
پوليس جو چوڻ آھي ته واقعو لولائي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان پيش آيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.