مسجد الحرام انتظاميا اعتڪاف ڪندڙن جو انگ ٻيڻو ڪري ڇڏيو

رمضان المبارڪ کي ڏسندي هر سال جيان هن سال به مسجد الحرام انتظاميا خاص انتظام ڪيا آهن ۽ هلندڙ سال گرينڊ مسجد ۾ اعتڪاف ڪندڙن لاءِ خوشخبري آهي.
عرب ميڊيا موجب هلندڙ سال اعتڪاف ڪندڙن جو انگ ٻيڻو ڪيو ويو آهي، معنيٰ 6 هزار ماڻهو رمضان ۾ اعتڪاف ڪري سگهندا.
مسجد الحرام ۾ هيڊ آف گائڊنس اينڊ ڪنسلٽنگ ڊپارتمينٽ عبدالمحسن الغامدي چيو ته هن سال اٿارٽيز طرفان مسجد الحرام ۾ اعتڪاف لاءِ 3 فلور رکيا ويا آهن.
گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هن سال ٻيڻي انگ جو انتظام ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ 6 هزار ماڻهو شامل هوندا، جڏهن ته هڪ هزار عورتن لاءِ به اعتڪاف جو انتظام ڪيو ويو آهي.
الغامدي موجب گذريل سال اهو انگ 3 هزار هو، جيڪو هاڻ سئو سيڪڙو وڌايو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.