وزيراعظم جي ريڪوڊڪ تي ڪم ڪندڙن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ جي هدايت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف ريڪوڊڪ منصوبي تي ڪم ڪندڙن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
اسلام آباد ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ريڪوڊڪ منصوبي تي اجلاس ٿيو، بيرڪ گولڊ ڪمپني جي وفد چيف ايگزيڪيوٽو مارڪ برسٽوو جي سربراهي ۾ شرڪت ڪئي.
اجلاس دوران وزيراعظم ريڪوڊڪ منصوبي تي ڪم ڪندڙن ۽ بندرگاهه تائين لاجسٽڪس جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي.
هن چيو ته منصوبي بابت سڀني اسٽيڪ هولڊرن سان مشاورت کانپوءِ سموريون رنڊڪون ختم ڪيون وڃن، ريڪوڊڪ منصوبو روڊ ذريعي گوادر سان جوڙڻ لاءِ روڊ نيٽ ورڪ اپ گريڊ ڪيو ويندو.
اجلاس جي پڌرائيءَ موجب وزيراعظم ريڪوڊڪ روڊ اينڊ ريل ڪنيڪٽويٽي تي ايندڙ هفتي تفصيلي بريفنگ طلب ڪري ورتي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.