غلام نبي ميمڻ ٻيو ڀيرو آءِ جي سنڌ مقرر، نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) غلام نبي ميمڻ کي ٻيو ڀيرو انسپيڪٽر جنرل (آءِ جي) سنڌ پوليس مقرر ڪيو ويو.
غلام نبي ميمڻ جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، هو پوليس سروس آف پاڪستان جو 21هين گريڊ جو آفيسر آهي ۽ آءِ جي سنڌ ۽ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي سميت ٻين عهدن تي رهي چڪو آهي.
ان کان اڳ راجا رفعت مختار آءِ جي سنڌ جا فرض انجام ڏئي رهيو هو.
پهريون ڀيرو جون 2022 ۾ غلام نبي ميمڻ کي آءِ جي سنڌ مقرر ڪيو ويو هو، جنهن کانپوءِ 2023 ۾ کيس هٽائي راجا رفعت مختار کي آءِ جي سنڌ مقرر ڪيو ويو ۽ هاڻ هڪ ڀيرو ٻيهر اها ذميواري غلام نبي ميمڻ کي ڏني وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.