ڀارت ۾ هولي تي مسلمان خاندان کي روڪي زبردستي رنگ هڻڻ جو واقعو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست اتر پرديش ۾ هولي جي تهوار تي مسلمان خاندان کي زبردستي رنگ هنيو ويو.
مسلمان خاندان کي زبردستي رنگ ۽ پاڻي هڻڻ جو واقعو ڀارتي رياست اتر پرديش جي ضلعي بجنور ۾ پيش آيو، جتي هولي ملهائيندي ڪجهه هندو نوجوانن موٽر سائيڪل سوار مسلمان خاندان کي زبردستي رنگ ۽ پاڻي هڻي هراسان ڪيو.
سوشل ميڊيا تي وائرل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هولي ملهائيندي ڪجهه نوجوانن موٽر سائيڪل سوار مسلمان خاندان کي روڪيو آهي ۽ انهن کي زبردستي رنگ ۽ پاڻي هنيو پيو وڃي، جڏهن ته گڏوگڏ جي شري رام جا نعرا به هنيا پيا وڃن.
سوشل ميڊيا تي واقعي جي وڊيو وائرل ٿيڻ تي اتر پرديش پوليس نوٽيس ورتو ۽ اختيارين جو چوڻ آهي ته ملوث ماڻهن جي ڳولا جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.