راڻيپور (ويب ڊيسڪ) درازن جي دولھ عظيم صوفي بزرگ حضرت سچل سرمست جو ساليانون 203 عرس مبارڪ سرڪاري طور تي ٻئي ڏهاڙي 14 رمضان کان درازا شريف ۾ شروع ٿيندو، جڏهن ته غير سرڪاري تقريبون اڄ کان شروع ٿي ويون آهن.
درگاھ کي ڪنورا جيان سينگاريو ويو آھي، جڏھن ته سيڪورٽيءَ جا انتظاميه پڻ انتھائي سخت ڪيا ويا آھن.
عرس جي تقريبن ۾ شرڪت لاءِ سچل سرمست جي عقيدتمندن، پانڌيئڙن جي آمد جو سلسلو شروع ٿي ويو آھي.
سرڪاري تقريبن جو افتتاح سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاھ اڳوڻو وڏو وزير سيد قائم علي شاھ ۽ ٻيا صوبائي وزير درازا شريف پھچي ڪندا.