شهزادي وٽ ڇا نه هوندو، پوءِ به ڪينسر جو شڪار، صحت جي حوالي سان عالمي سطح تي ڳڻتي

برطانوي شهزادي وليم جي زال شهزادي ڪيٿرين عرف ڪيٽ مڊلٽن پنهنجي ڪينسر ۾ مبتلا هجڻ بابت پاڻ هڪ وڊيو بيان ۾ آگاهه ڪيو آهي جنهن بعد سڄي دنيا ۾ ڳڻتي پکڙجي وئي آهي.
ڪيٽ مڊلٽن رڳو 42 سالن جي آهي ۽ 50 سالن کان ننڍي عمر جي ماڻهن ۾ ڪينسر جي شرح تازن سالن دوران تيزي سان وڌي آهي.
ڪيٽ جي عمر جا ڪيترائي ماڻهو ڪينسر جو شڪار آهن.
هڪ رپورٽ موجب 1990 کان 2019 تائين 29 مختلف ڪينسر جي قسمن ۾ 80 سيڪڙو واڌ ٿي آهي.
50 سالن کان ننڍي عمر جي ماڻهن ۾ ڇاتي، رحم ۽ کل جو ڪينسر ٿئي ٿو.
ياد رهي ته عوامي آواز پاران بريسٽ ڪينسر سميت ٻين قسمن جي ڪينسر جي حوالي سان مختلف آگاهي رپورٽون ۽ خبرون ڏنيون ويون آهن جيڪي اسان جي يوٽيوب چينل تي پڻ موجود آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.