ڪنسرٽ تي حملو ڪندڙ يوڪرين فرار ٿي رهيا هئا ته پڪڙيا ويا: روسي صدر

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روسي صدر ولاديمير پيوٽن چيو آهي ته چار ماڻهو جن ماسڪو ۾ ڪنسرٽ تي حملو ڪيو هو يوڪرين ڏانهن وڃي رهيا هئا ته کين حراست ۾ ورتو ويو کين اميد هئي ته سرحد پار ڪري ويندا.

قوم کي خطاب ڪندي پيوٽن چيو ته يوڪرين جي پاسي جا ڪجهه ماڻهو تيار هئا ته کين روس مان سرحد پار ڪرائي وڃي.

هن چيو ته شروعاتي ڄاڻ موجب جوابدارن کي سرحد پار ڪرائڻ لاءِ هڪ دري به ٺاهي وئي هئي.

هن چيو ته جن به ان ڏوهه جو حڪم ڏنو آهي، انهن کي سزا ڏني ويندي کڻي اهي ڪير به هجن يا انهن جي رهنمائي ڪير به ڪري رهيو هجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.