عالمي بئنڪ ٻن منصوبن لاءِ 14 ڪروڙ 97 لک ڊالر فنانسنگ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عالمي بئنڪ پاڪستان کي ٻن منصوبن لاءِ 14 ڪروڙ 97 لک ڊالرن جي فنانسنگ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
عالمي بئنڪ پاڪستان کي 7 ڪروڙ 80 لک ڊالر ڊجيٽل اڪانامي انهانسمينٽ پراجيڪٽ لاءِ فراهم ڪندي، منصوبي تحت شهرين ۽ فرمن لاءِ ڊجيٽل طور تي عوامي خدمتن جي فراهمي جي واڌ ۾ مدد ڪئي ويندي.
اهڙي ريت ٻي فنانسنگ 7 ڪروڙ 17 لک ڊالر عالمي بئنڪ سنڌ بيراجز امپروومينٽ پراجيڪٽ لاءِ فراهم ڪندي، منصوبي تحت ٻوڏ کان بچاءَ ۽ سنڌ جي ٽن بيراجن جي حفاظت ۽ انتظام ۾ بهتري ۾ مدد ملندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.