اسان کي ملڪ جي روشن مستقبل لاءِ وفا جو وچن ورجائڻ گهرجي: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته 23 مارچ پاڪستان جو ڏهاڙو ملڪ جي باني اڳواڻن جي جدوجهد ۽ ترقي طرف اسان جي اجتماعي سفر کي سلام پيش ڪرڻ جو ڏينهن آهي، قائداعظم محمد علي جناح هڪ اهڙي وطن کي قائم ڪرڻ لاءِ اڻٿڪ محنت ڪئي، جتي آزادي، انصاف ۽ برابري جو راڄ هجي.
يوم پاڪستان جي موقعي تي جاري ڪيل پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 23 مارچ تي قوم ملڪ جي باني اڳواڻن جي قربانين ۽ اٽل ارادي کي خراج عقيدت پيش ڪندي آهي، پ پ ملڪ جي بانين جي نظرين خاص ڪري قائداعظم جي ويزن جي پاسداري لاءِ اٽل بيٺل آهي.
هن چيو ته ان اهم ڏهاڙي جي موقعي تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي عزم کي به ڀيٽا پيش ڪجي ٿي، جن بنا ڪنهن ڊپ جي عوام جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي، قائد عوام ۽ شهيد راڻي جي ميراث اسان جي لاءِ سندن مشن کي پورو ڪرڻ واري سفر ۾ رهنمائي جو ڪرڻو بڻيل رهندي.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان ڊي تي اسان کي پنهنجي پياري ملڪ جي روشن مستقبل لاءِ وفا جو وچن ورجائڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.