دهلي جو اڳوڻو وڏو وزير اروند ڪيجريوال شراب پاليسي ڪيس ۾ گرفتار

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي عام آدمي پارٽي جي اڳواڻ ۽ دهلي جي اڳوڻي وڏي وزير اروند ڪيجريوال کي شراب پاليسي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو.
اروند ڪيجريوال کي نئين دهلي ۾ سندس رهائشگاهه تان انفورسمينٽ ڊائريڪٽوريٽ گرفتار ڪيو.
ڀارتي ميڊيا موجب اروند ڪيجريوال تي مني لانڊرنگ جا الزام آهن، مٿس ڀارتي انفورسمينٽ ڊائريڪٽوريٽ شراب پاليسي ۾ دوکي بازي بابت مني لانڊرنگ جا الزام لاڳو ڪيا آهن.
اروند ڪيجريوال انفورسمينٽ ڊائريڪٽوريٽ سامهون پيش ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو، کيس اڄ به ان معاملي تي پڇا ڳاڇا لاءِ طلب ڪيو ويو هو، ان معاملي تي اپريل ۾ سي بي آءِ به جاچ ڪري چڪي آهي.
اروند ڪيجريوال گرفتاري کان بچڻ لاءِ دهلي هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو هو پر عدالت سندس حفاظتي ضمانت جي درخواست رد ڪري ڇڏي هئي.
عام آدمي پارٽي جو چوڻ آهي ته بي جي پي قيادت عام آدمي پارٽي ۽ ٻين پارٽين جو خاتمو ڪرڻ چاهي ٿي، اروند ڪيجريوال تي الزامن پويان مودي سان سياسي مقصد آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.