سياسي اختلاف پنهنجي جاءِ تي، حافظ نعيم وڏو ڀاءُ آهي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته سياسي اختلاف پنهنجي جاءِ تي حافظ نعيم منهنجو وڏو ڀاءُ آهي.
مرتضيٰ وهاب جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم جي رهائشگاهه پهتو، جتي هن ساڻس عيادت ڪئي ۽ صحتيابي لاءِ دعا به ڪئي.
ان موقعي تي پ پ اڳواڻ چيو ته سياسي اختلاف پنهنجي جاءِ تي پر حافظ نعيم منهنجو وڏو ڀاءُ آهي، بلاول ڀٽو جو اهو ئي فلسفو آهي ته نفرت جي سياست ختم ٿئي.
سندس چوڻ هو ته ڪراچي جي تعمير ۽ ترقي لاءِ سڀني جماعتن کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.