قمر باجوا ۽ فيض حميد کي قومي اسيمبلي اجلاس ۾ طلب نٿو ڪري سگهجي: وفاقي وزير

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته جنرل (ر) قمر جاويد باجوا ۽ جنرل (ر) فيض حميد کي قومي اسيمبلي ۾ نٿا گهرائي سگهون.
نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي اعظم نذير تارڙ چيو ته جنرل باجوا ۽ فيض حميد کي قومي اسيمبلي اجلاس ۾ طلب نٿو ڪري سگهجي.
هن چيو ته چونڊيل نمائندن يا ڪابينا ميمبرن کانسواءِ ڪو شخص قومي اسيمبلي جي فلور تي نٿو اچي سگهي پر اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ طلب ڪري سگهجي ٿو.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته حڪومت ۾ شامل سڀني جماعتن جي مشاورت سان سوشل ميڊيا کي ريگوليٽ ڪرڻ لاءِ قانون سازي ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.