هن مهيني ڏينهن ۽ رات برابر ٿي ويندي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هر سال مارچ جي ٻئي ڏهاڪي جي پڄاڻي تي عيسوي ڪيلينڊر موجب اتر پاسي بهار جي موسم جڏهن ته ڏکڻ پاسي خزان جي شروعات ٿيندي آهي.

هر سال 19 کان 21 مارچ تائين اعتدال ربيعي يا Spring Equinox جي شروعات ٿيندي آهي.

ان موقعي تي ڏينهن ۽ رات جي ڊيگهه هڪ جيتري يعنيٰ 12، 12 ڪلاڪ هوندي.

ڏينهن ۽ رات جي ڊيگهه جو اهو سلسلو ڪجهه ڏينهن برقرار رهندو آهي.

هن سال ان جي شروعات 19 مارچ (پاڪستاني وقت موجب 20 مارچ صبح 8 لڳي 6 منٽن) تي ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.