واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي پرڏيهي کاتي جي نائب ترجمان ويدانت پٽيل چيو آهي ته افغان سرزمين تان پاڪستان تي ٿيندڙ حملن جي مذمت ڪيون ٿا ۽ اميد آهي ته افغانستان ٻيهر دهشتگردن لاءِ محفوظ پناهگاهه نه بڻجندو.
افغان سرزمين تان پاڪستان ۾ ٿيندڙ دهشتگرد حملن ۾ شهادتن تي آمريڪا جو ردعمل سامهون اچي ويو.
آمريڪي پرڏيهي کاتي جي نائب ترجمان ويدانت پٽيل پريس بريفنگ دوران چيو ته پاڪستان ۾ ٿيندڙ حملي ۾ جاني نقصان تي افسوس آهي.
هن چيو ته ته افغان سرزمين تان حملا نه ٿيڻ گهرجن ۽ ڌريون پاڻ ۾ اختلاف ختم ڪن، اسان پرعزم آهيون ته افغانستان ٻيهر دهشتگردن لاءِ محفوظ پناهگاهه نه بڻجندو.
سندس چوڻ هو ته اسان پاڪستاني اڳواڻن سان باقاعدي رابطي ۾ آهيون ۽ افغانستان تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي.
You might also like