الخدمت فائونڊيشن، ڇانو فائونڊيشن ۽ پي ايڇ اي جي سهڪار سان لاهور ۾ 10 لک ٻوٽا لڳايا ويندا

لاهور (پ ر) سڄي ملڪ ۾ تيزي سان وڌندڙ ماحولياتي گدلاڻ کي روڪڻ لاءِ الخدمت فائونڊيشن سڄي ملڪ ۾ ٻوٽا لڳائڻ جو سلسلو برقرار رکندي لاهور ۾ الخدمت فائونڊيشن ۽ ڇانو فائونڊيشن جي سهڪار سان 10 لک ٻوٽا لڳائيندي.

الخدمت فائونڊيشن ۽ ڇانو فائونڊيشن جي عهديدارن لاهور سميت سڄي ملڪ ۾ ميگا پلانٽشن جي حوالي سان پريس بريفنگ ڏني، جنهن ۾ الخدمت فائونڊيشن پاڪستان جي نائب صدر ڊاڪٽر مشتاق مانگٽ، ذڪر الله مجاهد، لاهور جي سيڪريٽري ڊاڪٽر اعجاز نذير، ڇائون فائونڊيشن جي باني ۽ چيئرمين ڊاڪٽر شهناز رئوف ۽ يونيورسٽي آف لاهور جي بورڊ آف چيئرمين اويس رئوف، شعيب هاشمي، صنان اڪبر ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

ڊاڪٽر مشتاق مانگٽ ٻڌايو ته الخدمت لاهور جي اڪثر جاين تي اربن فاريسٽ قائم ڪيا اهن جڏهن ته هن سيزن جي وڻڪاري ۾ سرڪاري اسڪولن ۽ ڪاليجن سميت عوامي ماڳن تي به ٻوٽا لڳايا ويندا. سندس چوڻ هو ته گدلاڻ خلاف مهم دوران شاگردن ۽ نوجوانن ۾ آگاهي پيدا ڪري کين مهم جو حصو بڻايو ويندو.

ان موقعي تي ڊاڪٽر شهناز رئوف چيو ته ڇانو فائونڊيشن ان احساس کي جيئرو رکڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ته اسان گڏجي قدرت جو خيال رکون. اڄ لڳايل ٻوٽا سڀاڻي معاشري جي بهتري جو سبب بڻجندا.

پريس بريفنگ کانپوءِ مهمانن الخدمت فائونڊيشن پاڪستان جي آفيس ۾ ٻوٽا به لڳايا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.