چين ۾ 9 سالن ۾ پهريون ڀيرو شادي جي شرح ۾ واڌ

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين ۾ 9 سالن ۾ پهريون ڀيرو شادي جي شرح ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
چين ۾ سال 2022 جي ڀيٽ ۾ 2023 ۾ شادين ۾ 12.4 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
چين ۾ سال 2023 ۾ 76 لک 80 هزار جوڙا شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويا، ان کان اڳ 2013 ۾ هڪ ڪروڙ 34 لک 70 هزار جوڙن شادي ڪئي هئي.
چين ۾ شادي جي شرح ۾ واڌ چيني وزيراعظم لي ڪيانگ جي برٿ فرينڊلي سوسائٽي ۽ لانگ ٽرم، بيلنسڊ پاپوليشن ڊيولپمينٽ جي واعدن کانپوءِ سامهون آئي آهي.
واضح رهي ته چين ۾ پيدائش جي شرح گهٽ آهي ۽ ايندڙ ڏهاڪن ۾ تقريبن 30 ڪروڙ ماڻهن جي رٽائرمينٽ جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.