آصف زرداري سان آمريڪي سفير جي ملاقات، ٻيو ڀيرو صدر بڻجڻ تي مبارڪباد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري سان پاڪستان ۾ آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم ملاقات ڪئي ۽ کيس ٻيو ڀيرو صدر جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني.
ملاقات دوران آصف زرداري چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ واپاري ۽ سيڙپڪاري لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت آهي، ٻنهي ملڪن کي مختلف شعبن ۾ گڏيل سهڪار جا موقعا ڳولڻا پوندا.
هن چيو ته آمريڪي ڪاروباري ادارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ڪرڻي گهرجي ۽ جديد ڪاروباري آئڊياز آڻڻ جي حوصلا افزائي ٿيڻ گهرجي.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي پهرين ترجيح معيشت کي بهتر ڪرڻ، اقتصادي ۽ سيڪيورٽي چئلينجن تي قابو ڪرڻ آهي.
آمريڪي سفير چيو ته ٻئي ملڪ واپار، سيڙپڪاري، موسمياتي تبديلي، سيڪيورٽي ۽ زراعت جي شعبن ۾ ٻه طرفو سهڪار وڌائي سگهن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.