ڏکڻ ڪوريا ۽ آمريڪا جي فوجي مشقن دوران اتر ڪوريا جو بيلسٽڪ ميزائلن جو تجربو

اتر ڪوريا آمريڪي پرڏيهي وزير جي ڏکڻ ڪوريا جي دوري جي موقعي تي بيلسٽڪ ميزائلن جو تجربو ڪيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب اتر ڪوريا شارٽ رينج بيلسٽڪ ميزائلن جو تجربو ڪيو آهي، جيڪي ان اوڀر سمنڊ ڏانهن فائر ڪيا.
آمريڪي فوج جي جوائنٽ چيفس اتر ڪوريا جي ميزائل تجربي جي تصديق ڪندي چيو ته اتر ڪوريا اوڀر سمنڊ ڏانهن ڪجهه بيلسٽڪ ميزائل فائر ڪيا آهن، عام طور تي ان سامونڊي پٽي کي جاپاني سمنڊ چيو ويندو آهي.
جاپاني ڪوسٽ گارڊز به اتر ڪوريا جي ميزائل تجربي جي تصديق ڪندي چيو ته ميزائل اڳ ئي پنهنجي هدف تي ڪِري چڪا آهن.
ميڊيا رپورٽن موجب اتر ڪوريا طرفان ميزائل تجربا اهڙي موقعي تي ڪيا ويا آهن، جڏهن آمريڪا ۽ ڏکڻ ڪوريا پنهنجون فوجي مشقون ختم ڪري رهيا آهن ۽ آمريڪي پرڏيهي وزير ڏکڻ ڪوريا ۾ موجود آهي.
آمريڪا ۽ ڏکڻ ڪوريا ۾ فوجي مشقن جي اتر ڪوريا مذمت ڪندو آيو آهي ۽ ان جو موقف آهي ته اهي مشقون مداخلت جي تياري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.