پاڪستان ۾ عيدالفطر ڪڏهن ٿيندي؟ امڪاني تاريخ سامهون اچي وئي

دبئي (ويب ڊيسڪ) گڏيل عرب امارتن ۾ فلڪياتي ماهرن طرفان عيدالفطر جي تاريخ جي حوالي سان اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
گلف نيوز جي رپورٽ موجب ايمريٽس آسٽرونومي سوسائٽي جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي چيئرمين ابراهيم الجروان ٻڌايو آهي ته هن سال عيدالفطر اربع 10 اپريل تي ٿيڻ جو امڪان آهي.
ان جو مطلب آهي ته گڏيل عرب امارتن سميت سعودي عرب جا مسلمان 30 روزا رکندا.
هوڏانهن ڪجهه ميڊيا رپورٽن ۾ دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته پاڪستان ۾ 10 اپريل تي عيدالفطر جو چنڊ نظر اچڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي ۽ عيدالفطر 11 اپريل خميس تي ٿيڻ جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.