بهاولپور (ويب ڊيسڪ) بهاولپور ۾ ڊمپر جي ريتي هيٺان دٻجي ڀاءُ ڀيڻ فوت ٿي ويا.
ٻار کليل ميدان ۾ کيڏي رهيا هئا ته ڊمپر ڊرائيور ريتي هاري ڇڏي، واقعو يزمان تعلقي جي علائقي چڪ – 68 ڊي بي ۾ پيش آيو.
6 ورهين جو عبدالرحمان ۽ 8 ورهين جي زينب ريتي ۾ دٻجي ويا ۽ ساهه منجهڻ سبب فوت ٿي ويا.
ريسڪيو موجب گهر ڀاتي ٻارن کي ڳوليندا رهيا، جڏهن کين ريتي مان ڪڍيو ويو ته ٻئي فوت ٿي چڪا هئا.
فوتي ٻارن جي وارثن چيو ته واقعو حادثاتي آهي، اسان ڪا ڪارروائي نٿا چاهيون.
Prev Post
You might also like