نواز شريف جا پٽ 6 سالن جي جلاوطني ختم ڪرڻ کانپوءِ لاهور پهچي ويا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جا ٻه پٽ حسن نواز ۽ حسين نواز 6 سالن جي جلاوطني ختم ڪرڻ کانپوءِ اڱاري تي پاڪستان پهچي ويا.

ان ڳالهه جي تصديق شريف خاندان جي ويجهن ماڻهن به ڪئي آهي.

حسن نواز ۽ حسين نواز ٻئي لنڊن کان لاهور انٽرنيشنل ايئرپورٽ پهتا.

حسن نواز ۽ حسين نواز کي سخت سڪيورٽي ۾ ايئرپورٽ تان سندن رهائشگاهه جاتي امرا پهچايو ويو.

واضح رهي ته احتساب عدالت مختلف ڪيسن ۾ ڪيسن کي منهن نه ڏيڻ تي حسن نواز ۽ حسين نواز کي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو هو.

8 مارچ تي اسلام آباد جي احتساب عدالت حسن نواز ۽ حسين نواز جي درخواست منظور ڪندي چيو ته هو پاڻ عدالت ۾ پيش ٿيڻ چاهين ٿا، جنهن تي سندن جا حاضري کان ڇوٽ ختم ڪندي سندن گرفتاري وارنٽ ۾ 14 مارچ تائين عبوري طور تي واڌ ڪئي وئي هئي.

مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف ٻنهي پٽن جي جاتي امرا ۾ آجيان ڪئي ۽ پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز به پنهنجن ڀائرن سان ملاقات ڪئي. ٻئي ڀائر پنهنجي ماءُ ڪلثوم نواز جي قبر تي ويا ۽ فاتحه خواني ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.