جعلي ڪابينا غير آئيني نگران حڪومت جو تسلسل لڳي ٿي: پي ٽي آءِ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا جي حلف برداري تي تحريڪ انصاف ردعمل ڏنو آهي ته وزيراعظم جي جعلي ڪابينا غير آئيني نگران حڪومت جو تسلسل لڳي ٿي.
تحريڪ انصاف ترجمان موجب معيشت جي تباهي جي ذميوارن جي اهم عهدن تي مقرري عوام دشمني کانسواءِ ڪجهه ناهي، پي ڊي ايم حڪومت جي 100 رڪين ڪابينا جي ڪارڪردگي جي قيمت اڄ تائين قوم ادا ڪري رهي آهي.
ترجمان چيو ته وفاقي ڪابينا ۾ محسن نقوي جي شموليت نگران حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن جي غير آئيني ڪردار تي تصديق مهر هڻي ڇڏي آهي، جعلي فارم 47 جي بنياد تي جوڙيل غير آئيني ۽ جعلي ڪابينا کي رد ڪيون ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.