لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي جيلن ۾ قيدين کي به بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ رجسٽرڊ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
آءِ جي جيل ميان فاروق نذير موجب پنجاب جي سڀني جيلن ۾ رجسٽريشن جو عمل شروع ڪيو ويو آهي، 60 هزار کان گهٽ آمدني وارن ملازمن کي به پروگرام ۾ رجسٽرڊ ڪيو ويندو، رجسٽرڊ ٿيندڙ ماڻهو جيلن ۾ يوٽيليٽي اسٽورن تي به 50 سيڪڙو رعايت حاصل ڪري سگهندا.
سندس چوڻ هو ته هيل تائين هڪ هزار ماڻهن جي رجسٽريشن ٿي چڪي آهي، اميد آهي ته 10 هزار جي لڳ ڀڳ قيدين ۽ ملازمن جي رجسٽريشن ٿيندي.
هن ٻڌايو ته پنجاب جي سڀني جيلن ۾ 50 هزار کان وڌيڪ قيدي موجود آهن، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جون ٽيمون جيلن ۾ رجسٽريشن لاءِ ڪئمپ لڳائي رهيون آهن.
Prev Post
You might also like