اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروائيون، 10 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ٻن ڌار ڌار ڪارروائين ۾ 10 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته 3 زخمي ٿيا.
آءِ ايس پي آر موجب اتر وزيرستان ضلعي ۾ سيڪيورٽي فورسز ٻه الڳ الڳ ڪارروائين ۾ 10 دهشتگردن کي ماريو، جڏهن ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 3 دهشتگرد زخمي به ٿيا.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته انٽيليجنس بنياد تي آپريشن دوران 4 دهشتگردن کي ماريو ويو، جنهن کانپوءِ دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ٿيندڙ آپريشن ۾ وڌيڪ 4 دهشتگرد مارجي ويا.
پڌرائيءَ موجب ٻي ڪارروائي ۾ فورسز کي پاڪ افغان سرحد تان دراندازي ۽ 5 دهشتگردن جي چرپر جو اطلاع مليو، جنهن تي فوري طور ايڪشن ورتو ويو.
فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ٻه دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته 3 زخمي ٿي پيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.