مڙس کي پنهنجي ساٿي سان قتل ڪندڙ ٽڪ ٽاڪر گرفتار

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور ۾ قتل جي الزام ۾ عورت ٽڪ ٽاڪر ۽ سندس ساٿي کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

عورت ٽڪ ٽاڪر 2 سال اڳ پنهنجي ساٿي سان گڏجي مڙس کي قتل ڪيو هو جنهن بعد جوابدار رضوان ملڪ ڇڏي فرار ٿي ويو هو. پوليس ڪارروائي ڪندي ٽڪ ٽاڪر عورت ۽ سندس ساٿي کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار رضوان علي کي واقعي جي ٻن سالن کانپوءِ مسقط مان گرفتار ڪري پاڪستان گهرايو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.