شير افضل مروت جو مريم نواز تي سنگين الزام

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ شير افضل مروت، مريم نواز تي پنهجي قتل جي منصوبابندي جو سنگين الزام هڻي ڇڏيو.
پنهنجي بيان ۾ شير افضل مروت چيو ته مريم نواز مون کي قتل ڪرائڻ لاءِ اجرتي قاتلن کي رقم جي ادائيگي ڪئي آهي.
هن چيو ته منهنجي قتل جي حوالي سان جيڪا پلاننگ ڪئي وئي آهي، ان جي رڪارڊنگ موجود آهي ۽ اسان جاچ ڪندڙن کي اها به فراهم ڪنداسين.
سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن مون کي قتل ڪيو ويو ته ذميواري مريم نواز تي لاڳو ٿيندي، ڇو ته سڄي پلاننگ ان جي آهي.
واضح رهي ته پنجاب جي وزيراعليٰ تي الزام لاڳو ڪرڻ تي ايف آءِ اي پي ٽي آءِ اڳواڻ شاندانه گلزار کي طلب ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.