ڪراچي (پ ر) پروفيسر ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان وفاقي اردو يونيورسٽي جي وي سي پروفيسر ڊاڪٽر ضابطه خان شنواري سان اردو يونيورسٽي ۾ ملاقات ڪئي.
ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان چيو ته رڳو تحقيق ئي اعليٰ تعليم جي مجموعي معيار کي وڌائي سگهي ٿي. ريسرچ ضرورت جي شعبن ۾ جدت ۽ بهتري جي موقعن جي نشاندهي ڪرڻ ۾ پڻ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي.
ان موقعي تي پروفيسر ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان وي سي کي اردو يونيورسٽي جي مسئلن جي حل لاءِ مڪمل سهڪار جو يقين ڏياريو.
وي سي پروفيسر ڊاڪٽر ضابطه خان شنواري سهڪار ڪرڻ تي پروفيسر ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان جهڙي شخصيت جو اردو يونيورسٽي سان هر قسم جي سهڪار جو عزم اداري جي لاءِ سٺو سنوڻ آهي.
پروفيسر ڊاڪٽر ضابطه خان شنواري چيو ته ڪاروباري برادري ۽ شهر جي بهتري لاءِ ڪم ڪندڙ ادارا اردو يونيورسٽي جي مسئلن جي حل لاءِ سهڪار ڪن ته جيئن ادارو بهتر نموني ڪم ڪري سگهي. يونيورسٽي ۾ ريسرچ ليب، تحقيقي ڪمن، تعليمي معيار ۽ انفرااسٽرڪچر جي بهتري لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.
ان موقعي تي پروفيسر ڊاڪٽر روبينا مشتاق، وقتي رجسٽرار محمد صديق، پروفيسر ڊاڪٽر محمد زاهد، پروفيسر ڊاڪٽر مسعود مشڪور، دانش احسان، ڊاڪٽر ڪمال حيدر، ڊاڪٽر شاهد اقبال، ڊاڪٽر ڪامران احسن، غياث الدين پڻ موجود هئا.