”شهباز شريف کي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته ڪٿي توهان اسان جي تحريڪ جو نشانو نه بڻجي وڃو“

لاهور (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته مان شهباز شريف کي چيو هو ته اپوزيشن ۾ اچي وڃو ۽ وزيراعظم کي اهو به ٻڌائي ڇڏيو آهي ته ڪٿي توهان اسان جي تحريڪ جو نشانو نه بڻجي وڃو.
جي يو آءِ (ف) پنجاب جي جنرل ڪائونسل کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان هڪ اداري جي بالادستي کي تسليم نٿا ڪيون، ٻهراڙين ۾ وڃي ماڻهن کي پنهنجي پسنديده ماڻهن کي ووٽ ڏيڻ تي مجبور ڪيو ويندو آهي.
هن چيو ته منهنجي جماعت کي چيو ويندو آهي فلاڻي اميدوار کي اسان جي حق ۾ ويهاريو، اسان جي اميدوارن کان پئسا ورتا ويندا آهن، جيڪڏهن اسان ثبوت پيش ڪيا ته توهان کي لڪڻ جي جاءِ نه ملندي.
سندس چوڻ هو ته خدا نه ڪري ملڪ کي بنگال جي حالتن ڏانهن ويندي ڏسي رهيو آهيان، پارليامينٽ جي حيثيت هڪ نمائشي اداري جي آهي، جڏهن ته جمهوريت پنهنجو ڪيس هارائي رهي آهي، ڌانڌلي سان پارليامينٽ ٺهندي رهي ته اهميت وڃائي ويهندي، اسان کي جمهوريت موجب تسلسل سان هلڻ ڇو نه پيو ڏنو وڃي؟
فضل الرحمان چيو ته مرضي جي پارليامينٽ آندي پئي وڃي ته جيئن اولهه مفادن جو تحفظ ڪري، اسان جمهوريت کي ڪفر قرار ڏيندڙن سان وڙهي رهيا آهيون پر اسان کي ڀت سان لڳايو پيو وڃي، حڪمرانن مان اميد نه رکو، اهي پنهنجي غيرت دفن ڪري چڪا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.