فيصلا عوام کي ڪرڻا آهن يا اسٽيبلشمينٽ کي؟ فضل الرحمان

لاهور (ويب ڊيسڪ) جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اسلامي دنيا وٽ ايٽم بم هوندي اڄ فلسطين تي قيامت گذري رهي آهي، دفاع لاءِ توهان ايٽم بم ٺاهيو پر ڪري ڪجهه نٿا سگهو.
لاهور ۾ جمعيت لائرز فورم پنجاب سان خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان رياست جي اهميت کي سمجهون ۽ رياست ۾ رهندڙ قوم کي سمجهون، آئين اسان لاءِ هڪ مثالي حيثيت رکي ٿو، جنهن وقت اهو آئين ٺاهيو ويو، ان وقت ملڪ ٽٽي چڪو هو.
هن چيو ته فيلڊ مارشل ايوب خان خلاف تحريڪ شروع ٿي ته ملڪ جي سياست ٻن حصن ۾ ورهايل هئي، هڪ پاسي سموريون سياسي جماعتون شريڪ هيون، ايوب خان سان ڳالهيون ٿيون ۽ ٻن ڳالهين تي اتفاق ٿي ويو، ملڪ اندر پارلياماني حڪومت هجي ۽ قوم کي ووٽ جو حق ڏنو وڃي، ذوالفقار ڀٽو جو چوڻ هو ته صدارتي طرز جي حڪومت هجي، 1973 ۾ مستقل آئين ٺهيو ته ذوالفقار ڀٽو به پارلياماني حڪومت تي متفق ٿيو.
سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ آئين محفوظ ناهي رهيو، مان پ پ ۽ ن ليگ کان به سوال ڪيان ٿو ته توهان کي 2018 کان به گهٽ مينڊيٽ مليو، اسان ان وقت به ڌانڌلي کي قبول نه ڪيو هو ۽ اڄ به نه ڪنداسين، هتي پارليامينٽ جو نظام ئي هلندو نه ته نه هلندو، اسان جو اڄ به اختلاف آهي ته فيصلا عوام کي ڪرڻا آهن يا اسٽيبلشمينٽ کي، قانون سازي عوام کي ڪرڻي آهي يا پويان ڊڪٽيٽ ٿيڻي آهي؟
مولانا فضل الرحمان چيو ته پاڪستان جي عدليا جو فيصلو مثال طور دنيا ۾ ڪٿي پيش ڪيو ويندو آهي؟ ڀٽو کي ان ئي عدالت ڦاهي ڏني، اڄ چئي ٿي ته ٽرائل ٺيڪ نه ٿيو، ڀٽو ڦاهي چڙهي ويو ۽ هاڻ چون ٿا ته فيصلو غلط هو.
هن چيو دنيا سامهون اسان جي عدليا جي تصوير ائين پيش ڪئي ويندي آهي ته ڪنهن کي اقتدار ۾ آڻڻو آهي ته هڪ هفتي ۾ سئو ڪيس ختم ٿي ويندا آهن ۽ اقتدار تان هٽائڻو آهي ته سئو ڪيس ٺهي ويندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.