ٻانڌي (ويب ڊيسڪ) ٻانڌي ويجهو سکر کان ڪراچي پٿر کڻي ويندڙ مال گاڏي جي بوگي پٽڙيءَ تان لهي وئي.
ٽرين جي هڪ بوگي پٽڙي تان لهي وڃڻ سبب ٽرينن جي اچ وڃ متاثر ٿي وئي آهي.
اسٽيشن ماسٽر موجب مال بردار ٽرين ڪراس لائين تي ھئي ۽ پنھنجي منزل طرف پٿر کڻي وڃي رھي ھئي ته ھڪ بوگي پٽڙي تان لھي وئي.
هن چيو ته پٽڙي تان لهي ويل ٽرين جي بوگي کي ٽريڪ تي آڻڻ لاءِ ڪم جاري آهي.
اسٽيشن ماسٽر چيو ته ڪجھه ڪلاڪن اندر لٿل بوگي کي ٽريڪ تي آڻي مال بردار گاڏي کي پنھنجي منزل طرف روانو ڪيو ويندو.
Prev Post
Next Post
You might also like