آءِ سي سي ٽيسٽ چيمپيئن شپ ۾ ڀارت پهرين پوزيشن حاصل ڪري ورتي

دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ٽيسٽ چيمپيئن شپ ۾ ڀارت پهرين پوزيشن حاصل ڪري ورتي.
آسٽريليا هٿان پهرين ٽيسٽ ۾ شڪست کانپوءِ نيوزيلينڊ جي ٽيم ٻئي نمبر تي اچي وئي، ويلنگٽن ٽيسٽ ۾ نيوزيلينڊ کي آسٽريليا 172 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي، ڪاميابي کانپوءِ آسٽريليا پوائنٽس ٽيبل تي پنهنجي ٽين پوزيشن کي وڌيڪ مستحڪم ڪري ڇڏيو آهي.
آسٽريليا کي فتح سان 12 پوائنٽون مليون، جنهن کانپوءِ ان جون مجموعي پوائنٽون 78 ٿي ويون.
پوائنٽس ٽيبل تي بنگلاديش جي چوٿين ۽ پاڪستان جي پنجين پوزيشن آهي، جڏهن ته ويسٽ انڊيز ڇهين، ڏکڻ آفريقا ستين، انگلينڊ اٺين ۽ سريلنڪا نائين نمبر تي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.