سون جي مُلهه ۾ وڏي واڌ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي في تولو قيمت ۾ واڌ ٿي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب سون جي في تولو قيمت ۾ 1100 روپيا واڌ ٿي جنهن کان پوءِ سون جو في تولو 2 لک 16 هزار 800 روپين جو ٿي ويو آهي جڏهن ته 10 گرام سون جو اگهه 943 روپيا وڌڻ سان ان جي قيمت 1 لک 85 هزار 871 روپيا آهي. عالمي صرافه مارڪيٽ ۾ سون جي في اونس قيمت 10 ڊالر واڌ سان 2047 ڊالر آهي.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن به ملڪ ۾ سون جي في تولي جي قيمت ۾ 900 روپيا واڌ ٿي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.