ممبئي (ويب ڊيسڪ) مشهور ڀارتي اداڪار اجي ديوگن شوٽنگ دوران فلمن جي سيٽس تي غيرمعمولي ۽ عجيب واقعا پيش اچڻ جو انڪشاف ڪيو آهي.
اجي ديوگن پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ ڳالهائيندي چيو ته آئون فلمن جي شوٽنگ دوران گھڻن عجيب واقعن جو تجربو ڪيو آهي جڏهن اسان فلمن جي شوٽنگ کُليل هنڌن تي ڪندا هئاسين ته اتي گھڻن غير معمولي ۽ عجيب واقعن کي منهن ڏنو.
هن چيو ته آئون اهڙن گھڻن تجربن مان گذريو آهيان، اهڙين شين ۾ ڪيتري حقيقت آهي ان حوالي سان گھٽ ماڻهن سان مليو آهيان جيڪي جنن جي موجودگي يا وري شيطاني ۽ جادوئي شين تي يقين نه رکندا هجن.
اجي ديوگن چيو ته اڪثر جڏهن اسان گھران نڪرندا آهيون ته بيماري ٿي ويندا آهيون جنهن تي ذهن ۾ پهريون خيال بد نظر جو ايندو آهي ۽ اهو عقيدو دنيا ۾ تقريبن سڀني ماڻهن جو آهي.
سندس چوڻ هو ته ڀوائتي فلم ۾ ڪم به ان ڪري ڪرڻ پئي چاهيو ڇو جو ڪارو جادو حقيقت آهي ۽ اهو هر ثقافت ۾ موجود آهي.
You might also like