پ پ سينيٽ جي خالي سيٽن تي فوري اليڪشن جو مطالبو ڪري ڇڏيو

مريم نواز کي حڪمراني جو اختيار ناهي، وڏي تباهي ٿيندي : پي ٽي آءِ
راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شعيب شاهين اعلان ڪيو آهي ته هو خيبرپختونخوا جا سمورا تڪ کولڻ لاءِ تيار آهن.
اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شعيب شاهين چيو ته پي ٽي آءِ باني سان ملاقات ٿي، ملاقات ۾ اليڪشن کانپوءِ جي صورتحال تي ڳالهه ٻول ٿي.
هن چيو ته اليڪشن ڪميشن ن ليگ سان گڏجي ڌانڌلي رهيو آهي، اسان سپريم ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪنداسين، ثبوت پيش ڪنداسين ته ڪيئن آر اوز سان ڳٺ جوڙ ڪري ڌانڌلي ڪئي وئي.
سندس چوڻ هوته فافن مطالبو ڪيو آهي ته اليڪشن ڪميشن کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي، موڊيز به پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته پاڪستان استحڪام نه ايندو.
هن چيو ته آءِ ايم ايف جي پروگرام کي مشروط طور تي سپورٽ ڪيو هو، آءِ ايم ايف معاهدو سان بجلي، گئس بلن ۾ واڌ ٿيندي.
هن وڌيڪ چيو ته اسان آزاد ۽ منصفاڻي چونڊ سان آءِ ايم ايف معاهدو مشروط ڪيو هو، پي ڊي ايم جي صورت ۾ جيڪا تبائي ٿي چڪي آهي ان کان وڌيڪ تباهي ٿيندي، مريم نواز کي حڪمراني جو اختيار نه آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.