دفاعي چيمپيئن لاهور کي لڳاتار ڇهين شڪست، پوائنٽس ٽيبل تي ملتان جو راڄ

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ جي 14هين ميچ ۾ ملتان سلطانز لاهور قلندرز کي 60 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
لاهور ۾ ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي ملتان سلطانز مقرر اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 214 رنسون ٺاهيون.
عثمان خان 90 رنسن جي جارحاڻي اننگز کيڏي، ريزا هينڊرڪس ۽ افتخار احمد 40-40 رنسن سان اڳڀرا رهيا.
لاهور طرفان شاهين آفريدي 2، بريٿ ويٽ ۽ سڪندر رضا هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.
جواب ۾ لاهور قلندرز جي ٽيم 17 اوورن ۾ 154 رنسن تي ڍير ٿي وئي، اسامه مير بهترين بالنگ ڪرائيندي 6 شڪار ڪيا، فيصل اڪرم 2، خوشدل شاهه ۽ آفتاب ابراهيم هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.
واضح رهي ته پي ايس ايل ۾ دفاعي چيمپيئن لاهور قلندرز جي اها مسلسل ڇهين شڪست آهي، جڏهن ته ملتان سلطانز 6 مان 5 ميچون کٽي پوائنٽس ٽيبل تي ٽاپ پوزيشن تي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.