عوام تي وري پيٽرول بم ڪيرائڻ جي تياري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جو منصوبو جوڙي ورتو.
ذريعن موجب حڪومت پهرين مارچ کان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جون تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن، پيٽرول ساڍا 4 رپيا، جڏهن ته ڊيزل ٻه رپيا 50 پئسا في ليٽر مهانگو ٿيڻ جو امڪان آهي.
اهڙي ريت گاسليٽ ٻه رپيا 92 پئسا في ليٽر مهانگو ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته لائٽ ڊيزل آئل جا اگهه برقرار رکڻ جي تجويز آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته برينٽ آئل مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي قيمت 82 ڊالر 52 سينٽ في بيرل آهي، اوگرا پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جي سمري 29 فيبروري تي پيٽروليم واري وزارت کي موڪليندي.
ناڻي واري وزارت وزيراعظم سان مشاورت کانپوءِ نون اگهن جو اعلان ڪندي، پيٽروليم شين جي اگهه پهرين کان 15 مارچ تائين لاڳو هوندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.