همدرد يونيورسٽي جو 26هون ڪانووڪيشن، شاگردن کي ڊگريون ڏنيون ويون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) همدرد يونيورسٽي پنهنجي 26هين ڪانووڪيشن ۾ 2023 بيچ ۾ پاس آئوٽ ٿيندڙ 1200 کان وڌيڪ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي پي ايڇ ڊي، ايم فل، ماسٽرز، بيچلرز ۽ ايسوسيئيٽ ڊگريون ڏنيون.
ڇنڇر تي ٿيل ان تقريب جي صدارت يونيورسٽي جي چانسلر ۽ همدرد فائونڊيشن پاڪستان جي صدر سعديه راشد ڪئي، جڏهن ته ايڇ اي سي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر مختار احمد خاص مهمان هو.
ان موقعي تي 9 اسڪالرز کي پي ايڇ ڊي ۽ 12 کي ايم فل جون ڊگريون ڏنيون ويون، 35 کي ايم ايس، 45 کي بي ايڊ، 11 کي بي سي اي، 86 کي بي ايس، 42 کي ايم بي اي، 52 کي بي بي اي، 156 بي اي، 141 بي سي ايس ۽ 47 کي بي اي ايل ايل بي جون ڊگريون ڏنيون ويون.
186 شاگردن کي ايم بي بي ايس، 37 بي ڊي ايس، 27 بي اي ايم ايس ۽ 292 شاگردن کي فارم ڊي جون ڊگريون ڏنيون ويون، ان سان گڏوگڏ 75 شاگردن کي ايسوسيئيٽ ڊگريون ڏنيون ويون.
مختلف شعبن ۾ غير معمولي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ ٽن شاگردن کي شهيد حڪيم محمد سيد گولڊ ميڊل ۽ 5 کي شهيد حڪيم محمد سعيد سرٽيفڪيٽ سان نوازيو ويو، مختلف فيڪلٽيز جي 19 شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ٻين تمغن سان نوازيو ويو.
ان موقعي تي پنهنجي خطاب ۾ خاص مهمان پروفيسر ڊاڪٽر احمد چيو ته شهيد پاڪستان حڪيم محمد سعيد مدينه الحڪمه قائم ڪري ملڪ ۾ علم جو چراغ روشن ڪيو، هو نئين نسل ۾ پاڪستان جو روشن مستقبل ڏسندو هو، پاڪستان اسان کي عظيم قربانين کانپوءِ مليو آهي، معيشت جو ڦيٿو بيهڻ نه گهرجي، هي ملڪ اسان جي وڏن جي امانت آهي، جيڪا اسان توهان کي منتقل ڪئي آهي، توهان جي ذميواري آهي ته عالمي دنيا ۾ ملڪ کي باوقار مقام ڏيارڻ لاءِ پنهنجو ڀردار ڪردار ادا ڪيو.
سعديه راشد پنهنجي صدارتي خطاب ۾ چيو ته همدرد يونيورسٽي کي پنهنجي گريجوئيٽس تي فخر آهي ۽ اعتماد آهي ته اهي جتي به ويندا، پنهنجي ملڪ سان گڏ پنهنجي مادر عملي جو به نالو روشن ڪندا، اسان مسلسل جدوجهد ذريعي پنهنجي تعليمي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ پرعزم آهيون، اسان وڌندڙ اميد سان مستقبل ڏانهن ڏسندا آهيون.
هن چيو ته توهان کي ملندڙ سندون ان ڳالهه جي تصديق ڪن ٿيون ته توهان لاڳاپيل مضمون ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي ۽ ڪو به لاڳاپيل ادارو توهان جي صلاحيتن تي اعتماد ڪري توهان کي اهم ذميواري ڏئي سگهي ٿو، يقين آهي ته هتان جا گريجوئيٽس عملي زندگي ۾ اميدن کان وڌيڪ ڪارڪردگي ڏيکاريندا.
وائس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر سيد شعيب الحسن شاگردن کي واڌايون ڏنيون ۽ چيو ته اها رڳو توهان جي ڪاميابي ناهي پر ان جي پويان استادن ۽ والدين جون به ڪوششون آهن، توهان هڪ نئون سفر شروع ڪري رهيا آهيون، ملڪ جو مستقبل نوجوانن کي تعمير ڪرڻو آهي.
هن چيو ته همدرد يونيورسٽي پرڏيهي ادارن سان رابطو ڪيو آهي، جيڪي ڪورس ٻاهر پڙهايا ويندا آهن، اسان جا ڪورس به انهن جي برابر آهن.
تقريب کي رجسٽرار ڪليم احمد غياث به خطاب ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.