منظور وساڻ جو نئون خواب، حڪومت جي خاتمي جي اڳڪٿي

ڪوٽڏيجي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ منظور وساڻ نئين اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي.

منظور وساڻ جو چوڻ آهي ته ايندڙ حڪومت پنهنجو مدو پورو نه ڪري سگهندي، اڍائي سالن کانپوءِ اهڙو ماحول تيار ڪيو ويندو.

منظور وساڻ موجب ٽن سالن کانپوءِ ڪو ٻيو وزيراعظم ٿي سگهي ٿو، اسيمبلي مدو پورو ڪندي.

هن چيو ته اسان جي ڪوشش هوندي ته حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪري.

هن اڳڪٿي ڪئي ته تحريڪ انصاف جي مقبوليت ڏينهون ڏينهن گهٽجندي ويندي.

سندس چوڻ هو ته جي ڊي اي وارا پاڻ ڌانڌلي جي پيداوار آهن، جنهن جي اشاري تي هلن ٿا، اهي به کين ڇڏي ڏيندا، صدرالدين شاهه راشدي کي چئلينج ڪيان ٿو جتي وڻيس اليڪشن وڙهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.