شادي کان انڪار تي عورت ٽي وي اينڪر کي اغوا ڪري ورتو

حيدرآباد: (ويب ڊيسڪ) شادي کان انڪار ڪرڻ تي واپاري عورت ٽي وي اينڪر کي اغوا ڪري ورتو.

رپورٽن مطابق ڀارتي شهر حيدرآباد دکن ۾ ڪاروبار ڪندڙ عورت مقامي ميوزڪ چينل جي اينڪر کي ڳالهائڻ ۽ شادي ڪرڻ کان انڪار ڪرڻ تي اغوا ڪري ورتو .

پوليس موجب عورت پروفائيل ڏسي ساڻس ڳالهائڻ شروع ڪيو ۽ ڪجهه ڏينهن کانپوءِ عورت اينڪر سان شادي ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي.

پوليس موجب جڏهن عورت ٽي وي اينڪر کي واٽس اپ تي ميسيج ڪيو ته هن ٻڌايو ته سندس نالي تي ڊيٽنگ ويب سائيٽ تي جعلي اڪائونٽ ٺاهيو ويو آهي، جنهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.

عورت جي شادي ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وجهڻ بعد ٽي وي اينڪر عورت جو نمبر بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن تي عورت اينڪر جي پٺيان لڳي وئي ۽ ٽريڪنگ سسٽم مان سندس مقام حاصل ڪري ڪرائي جي غنڊن کي گهرائي کيس اغوا ڪرڻ لاءِ آفيس پهچي وئي.

پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته ٽي وي اينڪر عورت کي يقين ڏياريو ته هو نه رڳو ساڻس رابطي ۾ رهندو پر ان سان شادي به ڪندو، جنهن بعد هن کيس آزاد ڪيو.

آزاد ٿيڻ بعد ٽي وي اينڪر عورت خلاف ڪيس داخل ڪيو، جنهن تي عورت کي گرفتار ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.