شاهين شاهه جي خراب ڪارڪردگي بابت محمد عامر جو اهم بيان

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر ۽ پي ايس ايل فرنچائز ڪوئيٽا گليڊيئٽرز جي نمائندگي ڪندڙ محمد عامر چيو آهي ته شاهين آفريدي انجري کانپوءِ واپس آيو آهي کيس وقت ڏيڻ گهرجي، هو پروفيشنل بالر آهي مٿس ڪپتاني جو ڪو دٻاءُ ناهي.
عامر جو چوڻ هوته عالمي ڪرڪيٽ جي کوٽ تڏهن محسوس ٿئي ها جڏهن مان ڪرڪيٽ نه کيڏان ها، ليگز ڪرڪيٽ انجواءِ ڪري رهيو آهيان ۽ ڏاڍو خوش آهيان.
سندس چوڻ هو ته عالمي ڪرڪيٽ ۾ واپسي جو ناهي سوچيو، واپسي جو گرين سگنل ملي رهيو آهي يا نه الله بهتر ڄاڻي ٿو هو عالمي ڪرڪيٽ ۾ واپسي بابت نه پيو سوچي.
هڪ سوال جي جواب ۾ عامر چيو ته سليڪٽرز پنهنجي چونڊ جو دائرو رڳو پاڪستان سپر ليگ تائين محدود نه ڪري.
هن چيو ته لاهور قلندرز راشد خان کي مِس ڪري رهي آهي هو اهم بالر هو، حارث رئوف پنهنجي ڪارڪردگي بابت پاڻ جواب ڏيندو، پي سي بي سان سندس جيڪي معاملا هلي رهيا آهن هو پاڻ بهتر ٻڌائي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.