پاڪ-نيوزيلينڊ ٽي ٽوئنٽي سيريز: ڪيويز جو سيڪيورٽي وفد مارچ جي پهرين هفتي پاڪستان پهچندو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جو سيڪيورٽي وفد مارچ جي پهرين هفتي ۾ پاڪستان ايندو.
ذريعن موجب، وفد نيوزيلينڊ ٽيم جي پاڪستان جي دوري جو جائزو وٺندو، وفد ۾ نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ پليئرز ايسوسيئيشن جو هيٿ ملز ۽ آزاد سيڪيورٽي ماهر رگ ڊڪسن شامل آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وفد اسلام آباد، راولپنڊي ۽ لاهور ۾ انتظامن جو جائزو وٺندو، نيوزيلينڊ کي اپريل جي وچ ڌاران پنج ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز لاءِ پاڪستان جو دورو ڪرڻو آهي .
ذريعن موجب، پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي سيريز جون ميچون پنڊي اسٽيڊيم ۽ لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيون وينديون.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻنهي بورڊز جي رضامندي سان جلد شيڊيول جو اعلان ڪيو ويندو، عيد الفطر سبب نيوزيلينڊ جو پاڪستان جو دورو 14 کان 28 اپريل تائين هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.