اهڙي غلطي نه ڪجو جو منهنجي پارٽي کي نقصان ٿئي: بلاول جو پارٽي ميمبرن کي پيغام

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي سڀني صوبن ۽ وفاق کان بهتر هوندي.
سنڌ اسيمبلي ۾ پ پ جي پارلياماني پارٽي اجلاس کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ٻوڏ ۾ تباهه ٿيل تعليمي ادارا ٻيهر ٺاهينداسين، ڪرپشن روڪڻ لاءِ تمام گهڻي سختي ڪرڻي پوندي، اسان کي عوام جي خدمت ڪرڻي آهي.
هن چيو ته اسيمبلي ميمبرن جو ڪم قانون سازي آهي، زراعت ۽ پيئڻ جي پاڻي جا منصوبا ترجيح هجڻ گهرجي، اسان چاهيون ٿا ته پنهنجي حصي جو پاڻي ملي، وفاق سان ڳالهائينداسين.
بلاول ڀٽو زرداري اسيمبلي ميمبرن کي چيو اميد ته توهان سچائي سان رات ڏينهن ڪم ڪندئو، اهڙي غلطي نه ڪجو جنهن سان منهنجي پارٽي کي نقصان ٿئي، وسيلا گهٽ آهن، يقيني بڻائڻو آهي ته انهن جو درست استعمال ٿئي ۽ ڪرپشن نه ٿئي، اپوزيشن جماعتن کي رابطي ۾ رکڻو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.