پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي اليڪشن، چيئرمين لاءِ اميدوار جو نالو سامهون اچي ويو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ بئريسٽر گوهر علي خان چيو آهي ته ٽي مارچ تي رٿيل انٽرا پارٽي چونڊن ۾ بئريسٽر علي ظفر چيئرمين ۽ عمر ايوب جنرل سيڪريٽري لاءِ اميدوار هوندو.
اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر علي خان چيو ته اسان سڀ پارلياماني ڪردار ادا ڪندي بئريسٽر علي ظفر کي ڪامياب ڪرائينداسين.
بئريسٽر گوهر علي خان چيو ته اسان چاهيون ٿا ته معيشت بهتري ڏانهن وڃي، جيڪڏهن چونڊون صاف ۽ شفاف نه ٿينديون ته معيشت کي نقصان پهچندو.
سندس چوڻ هوته جن وٽ حڪمراني جو حق نه آهي اهي قابضن جيان ڪرسين تي ويهندا، عدالتن پاران تيزي سان ڪيل فيصلن کي سموري دنيا ڏٺو آهي، پي ٽي آءِ باني جو جيل ۾ هجڻ غير قانوني ۽ غير آئيني آهي، تحريڪ انصاف پارليامينٽ جو حصو بڻجندي ۽ اڳتي وڌندي.
هن وڌيڪ چيو ته انٽرا پارٽي اليڪشن ۾ بئريسٽر علي ظفر چيئرمين ۽ عمر ايوب جنرل سيڪريٽري لاءِ اميدوار هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.