ڪراچي: صحافين لاءِ ميڊيا سينسٽائزيشن ٽريننگ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي مهراڻ هوٽل ۾ جينڊر انٽيريڪٽو الائنس (جي آءِ اي) پاران بنديا رانا ۽ شهزادي راءِ جي اڳواڻي ۾ صحافين لاءِ ”ميڊيا سينسٽائزيشن ٽريننگ“ ڪرائي وئي.

تقريب ۾ شهزادي راءِ ڳالهائيندي چيوته ميڊيا ماڻهن جي ذهن سازي ۾ وڏو ڪردار ادا ڪندي آهي ان لاءِ صحافين کي گهرجي ته هو خواجه سرائن بابت ڪا به خبر تصديق ڪري هلائن جنهن سان خواجه سرا ڪميونٽي کي نقصان نه پهچي.

هن ٻڌايو ته ماضي ۾ خواجه سرائن بابت اڻ ڄاڻائي ۾ اهڙيون خبرون هلايون ويون جنهن سان ماڻهن ۾ خواجه سرا خلاف نفرت جنم ورتو. هن چيو ته جتي خواجه سرا جو آواز بڻجڻ ۾ ميڊيا جو ڪردار آهي اهڙيءَ ريت خواجه سرائن خلاف نفرت پکيڙڻ ۾ به ميڊيا جو هٿ رهيو آهي.

بنديا رانا ٽريننگ ۾ سمورن صحافين ۽ ميڊيا ادارن جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته ٽريننگ ۾ شرڪت ڪري سمورن صحافين خواجه سرا ڪميونٽي کي همٿايو ۽ ساراهيو آهي جنهن لاءِ ٿورائتا آهيون.

ميڊيا جي ٽريننگ ۾ زهرش خانزادي، آراڌيا خان سميت مختلف صحافين وقاص، وصفيا، نسيم، اسد ممتاز ۽ ٻين شرڪت ڪئي آخر ۾ سرٽيفڪيٽ ورهايا ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.