پي ٽي آءِ ڪارڪنن ميان اسلم کي گرفتار ٿيڻ کان بچائي ورتو!

پشاور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف ( پي ٽي آءِ ) پاران پنجاب جي وڏي وزير جي عهدي لاءِ نامزد ميان اسلم اقبال جي گرفتاري لاءِ پنجاب پوليس پشاور پهچي وئي.
ذريعن موجب، پنجاب پوليس اسپيڪر هائوس ٻاهران ميان اسلم کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ميان اسلم جي گرفتاري دوران پي ٽي آءِ ڪارڪنن مزاحمت ڪئي ۽ کيس ٻيهر اسپيڪر هائوس وٺي ويا.
ان کان اڳ پشاور هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ اڳواڻ ميان اسلم اقبال جي چار مارچ تائين راهداري ضمانت منظور ڪئي هئي.
عدالت حڪم ڏنوته درخواست گذار چار مارچ تائين لاهور هاءِ ڪورٽ يا لاڳاپيل عدالتن ۾ پيش ٿئي، پيش نه ٿيڻ جي صورت ۾ حڪم واپس ورتو ويندو.
هاءِ ڪورٽ حڪم نامي جي ڪاپي لاڳاپيل عدالت ۽ پوليس ٿاڻي ڏانهن موڪلڻ جي به هدايت ڪئي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.