ڪراچي: انصار برني پاران ڪتاب آواز فيڊريشن اينڊ جسٽس بابت بريفنگ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ انصار برني ٽرسٽ جي باني انصار برني پاران ڪتاب آواز فيڊريشن اينڊ جسٽس جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي.

اهڙي تقريب ۾ انصار برني، ڪراچي پريس ڪلب جي صدر سعيد سربازي، شهربانو رضوي ۽ ٻيا پڻ شريڪ ٿيا.

ان موقعي تي انصار برني، جو چوڻ هو ته هن ڪتاب ۾ نار ملڪن ۾ هزارين ٻارن جي اٺن جي ريس ۾ مارجڻ جو ذڪر آهي، ٻار مرندا رهندا هئا پر ريس نه بيهندي هئي، ڪوششون ڪري اهي ٻار واپس ڪرايا ويا هئا. هاڻي انهن ٻارن جي جاءِ تي روبوٽ استعمال ٿيندا آهن ۽ اهي ٻار تعليم حاصل ڪري رهيا آهن.

ڪتاب ۾ جيلن ۾ قيد بيگناهن جو ذڪر آهي، پينو فقيرن جو ذڪر آهي ۽ ٻارن کي غيرقانوني طريقي سان پرڏيهه موڪلڻ جي معاملن تي ڳالهايو ويو آهي.

انصار برني جي زال چيو ته مان پنهنجي مڙس جو هنن سٺن ڪمن ۾ ساٿ ڏئي رهي آهيان، ڪتاب ۾ بيگناهن جون سچيون ڪهاڻيون لکيل آهن.

پريس ڪلب جي صدر جو چوڻ هو ته اهڙا ڪيترائي ڪيس آهن جن ۾ ڏوهه ٻئي ڪنهن جو هوندو آهي ۽ سزا ڪنهن ٻئي کي ٿيندي آهي، اهڙي معاملي ۾ سماجي ماڻهن کي اڳتي اچڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.