ڏکڻ ڪوريا جي ماهرن گوشت وارا چانور ٺاهي ڇڏيا!

سئول (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ ڪوريا جي يونسئيي يونيورسٽي جي سائنسدانن جي هڪ ٽيم نئين قسم جا هائبرڊ چانور تيار ڪيا آهن جيڪي نه رڳو گوشت جيان گلابي رنگ جا آهن پر ان ۾ بيف گوشت جا پروٽين ۽ سڻڀ به شامل آهي.

چانورن هونئن به قدرتي طور تي غذائيت سان ڀرپور هوندا اهن پر سائندانن هن کي گوشت جو متبادل بڻائي ڇڏيو آهي.

هن نئين گلابي چانورن ۾ ريگيولر چانورن کان 8 سيڪڙو وڌيڪ پروٽين ۽ 7 سيڪڙو وڌيڪ سڻڀ آهي.

هن جو ذائقو گوشت جهڙو نه هوندو پر هنن ۾ هڪ منفرد قسم جي خوشبو هوندي، هي ميوي جهڙي مٺاڻ، کٽاڻ ۽ نمڪين ذائقي وارا هوندا.

امڪان آهي ته جلد هي هڪ مڪمل غزا بڻجي ويندا ۽ سڄي دنيا ۾ فراهمي يقيني بڻجي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.