عورت جي عمر مرد کان وڌيڪ ڇو هوندي آهي؟

مردن جي ڀيٽ ۾ عورتن جي ڊگھي عمر جو جواب ورزش تي ٿيل هڪ تحقيق مان ملي ويو آهي.
تحقيق موجب ورزش جا اثر عورتن تي مردن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ هوندا آهن. روز اڌ ڪلاڪ جي ورزش عورتن کي مردن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڊگھي ۽ تندرست زندگي ڏئي سگھي ٿي.
چيني چنگ ڊائو يونيورسٽي جي هڪ تحقيق مان خبر پئي آهي ته مرد ۽ عورت هڪ جيتري ورزش ڪن ته عورتن کي مردن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ فائدا ٿيندا آهن.
ان تحقيق ۾ 4 لک کان وڌيڪ ماڻهن کي شامل ڪيو ويو.
پر نتيجن مان اها به خبر پوي ٿي ته عورتن جي ڀيٽ ۾ مرد وڌيڪ انگ ۾ باقاعدگي سان ورزش ڪن ٿا.
هفتي ۾ 140 منٽن جي مناسب ورزش سان عورتن ۾ ڪنهن به سبب جي ڪري وقت کان اڳ موت جو خطرو 18 سيڪڙو گھٽجي وڃي ٿو.
ان جي ابتڙ مردن کي اهڙي فائدي لاءِ هفتي ۾ 300 منٽ ورزش جي ضرورت پوي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.