”حڪومت نه هلڻ ڏينداسين، هاڻ پير سائين جا حُر اسيمبلي ايندا“

نوشهرو فيروز (ويب ڊيسڪ) جي يو آءِ سنڌ جي صدر مولانا راشد محمود سومري حلف کڻڻ واري ڏينهن ڪراچي ۾ 10 لک ماڻهو گڏ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
نوشهري فيروز ۾ جي ڊي اي جي احتجاجي جلسي کي خطاب ڪندي راشد محمود سومري چيو ته اسان چورن کي ڀڄائي ملڪ کي بچائڻ چاهيون ٿا، 10 لک ماڻهن کي ڪراچي ۾ گڏ ڪري انهن کي حلف کڻڻ نه ڏينداسين، حڪومت نه هلڻ ڏينداسين، تڪليف جو وقت ختم ٿيڻ وارو آهي.
هن چيو ته عوام جي مدد سان سنڌ کي ٻيهر باب الاسلام بڻائينداسين، تحريڪ تيستائين هلندي، جيستائين پنهنجو مينڊيٽ کسي نه وٺنداسين.
سندس چوڻ هو ته پنهنجي ٺٽي جي جلسي جا 3 هزار ماڻهو ۽ هتي لکين ماڻهو ڏسو، هاڻ ته پير سائين جا حُر اسيمبلي ۾ ايندا.
راشد محمود سومري چيو ته اسان جو مقابلو توهان جي ڪرپشن سان آهي، ڪالهه به مقابلو ڪيو هو اڄ به ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.